سرور علي سرور سلاوٽ

سرور علي ’سرور‘ سلاوٽ: شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سرور علي سلاوٽ ولد حاجي نظير محمد 1909ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هن جا وڏا جيلسمير جا هئا، جيڪي لڏي سنڌ ۾ آيا. هي اصل ۾ حيدرآباد جو رهاڪو هو، جتي هن پرائمريءَ کان بي. اي ۽ ايل. ايل. بي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات پنهنجي اباڻي ڌنڌي پٿر تي اُڪر سان ڪئي. کيس ننڍپڻ کان شاعريءَ جو شوق هو. هن ڪهاڻيون به لکيون. شاعريءَ ۾ سندس ’سرور‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. هن ’ بزم خليل‘ ۾ سرگرميءَ سان بهرو ورتو. غزل ، گيت ۽ نظم لکيائين. هن جي ڪهاڻين جو ڪتاب ’اعتراف‘ ۽ رسول پاڪ صلعم بابت ’ڪارڻي‘ ڪتاب ڇپيل آهن. هن 1969ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو